فيصل آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ مخصوص ٽول?? پاران نواز شريف سان ڪنهن قسم جي ڊيل جو تاثر ڏنو پيو وڃي پر سڀني کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته نواز شريف سان ڪا ڊيل نه ٿي رهي آهي، هو جڏهن به پاڪستان آيو ايئرپورٽ تي اڊيالا جيل جي قيدين واري وين کيس وٺڻ جي لاءِ موجود هوندي ڇو ته ڪرپشن ۽ ڦرلٽ ۽ چوري ۾ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ جي جڳهه رڳو جيل آهي. فيصل آباد ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي جائزي کانپوءِ گول?? پام مارڪي نزد فورسيزن سمندري روڊ فيصل آباد تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت جي معاش?? پاليسين تي تنقيد ڪندڙن کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته گڏيل قومن سميت عالمي ادارن واضح چيو آهي ته پاڪستان ڪوويڊ جي باوجود پنهنجي معاشي ۽ اقتصاد?? پاليسين جي ڪري نمبر ون تي اچي چڪو آهي جتي ڪوويڊ دوران ڪاروباري مرڪز، بازارون، دڪانون، فيڪٽريون، تعليمي ادارا کليل رهيا، اهو ئي نه پر وزيراعظم عمران خان جي ڏورس سوچ ۽ حڪمت عملي خاص طور تي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي پوري دنيا ساراهيو آهي جڏهن ته پاڪستان جي لاءِ خوشخبري آهي ته 31 ڊسمبر 2021ع تائين 7 ڪروڙ ماڻهن جي وي??سي ن??شن جو جيڪو هدف مقرر ڪيو ويو هو انهي کي انتهائي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ اسد عمر، ڊاڪٽر فيصل سلطان، اين سي او سي، صحت کاتو، ڪورونا ويڪسين سينٽر جو عملو ۽ صحت جو فيلڊ اسٽاف خراج تحسين جو مستحق آهي.