اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ريگوليٽري اٿارٽين جي موثر ڪردار تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکي، لاڳاپيل شع??ن ۾ خدمتن ۽ معيار کي بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ريگوليٽري اٿارٽين جي سربراهن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ ريگوليٽرز جو اهم ڪردار آهي. ريگوليٽرز موثر مانيٽرنگ، قانوني ۽ ريگوليٽري ضرورتن کي نظر ۾ رکندي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائين. وزيراعظم مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکڻ لاءِ ريگوليٽري اٿارٽين جي موثر ڪردار جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سمورن ريگوليٽرز کي هدايت ڪئي ته هو پنهنج?? لاڳاپيل شع??ي ۾ شفافيت ۽ معياري خدمتن کي يقيني بڻائين. ريگوليٽري اٿارٽين جي سربراهن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته هو پنهنج?? لاڳاپيل اٿارٽين جي صلاحيت ۾ اضافو ڪن ??ه جيئن شهرين کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.