اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جا 10 سيڪڙو ملڪ 80 سيڪڙو ماحو??يا??ي تبديلين جا ذميوار آهن، دنيا کي ماحو??يا?? جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنجيدگ?? جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، 2030?? تائين پاڪستان 60 سيڪڙو قابل تجديد توانائي تي منتقل ٿي ويندو، 30 سيڪڙو ٽرانسپورٽ اليڪٽريڪل وهيڪل تي منتقل ٿي ويندي، 2023?? تائين اٽل هڪ ارب تمر جا وڻ لڳائڻ جو هدف آهي، تمر جا وڻ سڀ کان وڌيڪ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ اوڀر شاداب قدم سربراهه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ماحو??يا??ي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان سربراهه اجلاس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. دنيا جا 10 سيڪڙو ملڪ 80 سيڪڙو ماحو??يا??ي تبديلين جا ذميوار آهن. بدقسمتي سان پاڪستان ماحو??يا??ي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان ۾ گذريل 10 سالن دوران ڏيڍ سئو کان وڌيڪ سخت موسمياتي تقدرتي آفتون آيون آهن جنهن سان 3.8 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته حڪومت موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. 2030?? تائين پاڪستان 60 سيڪڙو قابل تجديد توانائي تي منتقل ٿي ويندو. 30 سيڪڙو ٽرانسپورٽ اليڪٽريڪل وهيڪل تي منتقل ٿي ويندي. هن چيو ته اسان 24 سئو ميگاواٽ جي ڪوئلي جي منصوبن کي ختم ڪيو آهي ۽ انهن جي جڳهه تي 37 سئو ميگاواٽ پن بجلي جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، هاني ملڪ ۾ ڪوئلي سان بجلي ٺاهڻ جو ڪو نئون منصوبو شروع نه ڪيو ويندو. اسان فطرت تي ٻڌل هل تي ڌيان ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي مينگروز پوکيا پيا وڃن، 2023?? تائين اٽڪل هڪ ارب مينگروز جا وڻ لڳايا ويندا. تمر جا وڻ سڀ کان وڌيڪ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وبا دوران اسان نيشنل پارڪس ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. ماحو??يا?? جي تحفظ بابت 85 هزار نوڪريون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن ته ايندڙ سال 2 لک نوڪرين جا موقعا پيدا ڪيا ويندا. عمران خان چيو ته اسان بنجر زمينن کي آباد ڪري رهيا آهيون. زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ بهتري جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو ماحو??يا??ي تبديلين کان تحفظ جي لاءِ 44 سيڪڙو سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي جنهن کي عالمي بئنڪ ساراهيو آهي ۽ پاڪستان کي ان حوالي سان سيڙپڪاري ڪرڻ وارو نمبر ون ملڪ قرار ڏنو آهي جنهن پنهنجي ترقياتي سيڙپڪاري ماحو??يا?? طرف منتقل ڪئي آهي. هن چيو ته هڪ گرين بانڊز آهي جنهن سان پن بجلي منصوبي جي لاءِ 5 سئو ملين ڊالر گڏ ڪيا. ٻيو بليو بانڊز آهي عالمي بئنڪ مينگروز جي ويليو ايشن ڪرير هيو آهي، انرجي ٽرانزيشن جو نظام جوڙيو آهي. هن چيو ته انسانيت جو بحران درپيش آهي. عالمي گرمي پد ۾ روزانو اضافو ٿي رهيو آهي، دنيا کي ماحو??يا?? جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنجيدگ?? جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. موسمياتيت بديلين جي ڪري سڄي دنيا ۾ گليشيئر تيزي سان پگهڙجي رهيا آهن، اڄ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ قدرتي آفتن جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان سميت هماليه جي ويجهو رهندڙ ملڪن کي سنگين خطرا درپيش آهن. گذريل سالن ۾ آسٽري??يا?? ڪيلي فورنيا سميت ٻين ملڪن ۾ غيرمتوقع ٻوڏ آئي آهي.