اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته پاڪستان جي رياست باهه ۽ رت جو هڪ درياءُ مان ٿي نڪتي آه??، اسان هزارين ماڻهن جون قربانيون ڏنيون آه??، انهن قربانين جي نتيجي ۾ اسان القاعده جهڙي دهشتگرد تنظيمن کي شڪست ڏني، هندستان جي باقيات کي به مڪمل ڪيو، هاڻي اسان کي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آه??، وزيراعظم اڄ جيڪي اصول جوڙيا اهي ئي اصول آه?? ته اسان پنهنجي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي انهن ماڻهن کي واپس رستي تي آڻي سگهون جيڪي پنهنجي مخصوص حالتن جي پيش نظر پاڪستان جي رستي تا?? جدا ٿي ويا هئا ته جئين اهي هڪ عام شهري جي حيثيت سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن، جمعي کانپوءِ پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي بيان کي کڻي ڪافي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آه??، ضروري آه?? ته ان جو هڪ پس منظر عوام جي سامهون رکيو وڃي، هن چيو ته الحمدالله اڄ پاڪستان پهرين کان وڌيڪ مضبوط ۽ پرعزم بيٺل آه??، هاڻي اسان کي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آه??، چوڌري فواد حسين چيو ته رياست جون پاليسيون هڪ مخصوص پس منظر ۽ مخصوص حالتن تحت ٺهنديون آه??، انهن مخصوص حالتن ۾ بي شمار خاندان ۽ ماڻهو جيڪي پاڪستان سان عهد وفا نه نڀائي سگهيا، اهي هي عهد نڀائڻ واپس اچڻ چاهين ٿا، هن چيو ته بلوچستان ۾ 3 هزار کان وڌيڪ اهي ماڻهو ناراض هئا ۽ هندستان جي چالاڪين جو شڪار ٿيا، اهي واپس اچي چڪا آه??، اهڙي طريقي سان ڪالعدم ٽي ٽي پي جا مختلف گروه آه?? انهن گروهن مان به اهڙا ماڻهو آه?? جيڪي پاڪستان سان پنهنجي وفا جو عهد نڀائڻ چاهين ٿا ۽ هڪ صلح جو، امن پسند ۽ آئين کي مڃي اڳتي هلڻ جو پيمان ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته اسان جو مڃڻ آه?? ته رياست کي اهڙن ماڻهن کي موقعو ڏيڻ گهرجي ته هو زندگي جي ڌارا ۾ واپس اچي سگهن، چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جيڪي اڄ اصول جوڙيا آه?? جن جي مٿان اسان کي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، هي اهي ئي اصول آه?? ته اسان پنهنجي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي انهن ماڻهن کي جيڪي پنهنجي مخصوص حالتن جي پيش نظر پاڪستان جي رستي تا?? جدا ٿي ويا هئا، کي واپس رستي تي آڻي سگهون ۽ هو پاڪستان جي هڪ عام شهري جي حيثيت سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن.