اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سعودي عرب جي قيادت کي سعودي عرب جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پ??ڪس??ان جي عوام پارلي??مي??ٽ ۽ حڪومت سعودي عرب جي عوام جي خوشين ۾ شريڪ آهي، قومي ڏينهن ڪنهن به ملڪ ??ي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ هوندو آهي، پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب جا ٻطرفا لاڳاپا تاريخي ۽ مثالي آهن، پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب جي عوام جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪنديون آهن، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته گڏيل مذهبي، ثقافتي ۽ معاشرتي هڪجهڙائي پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب کي هڪٻئي جي ويجهو رکيو آهي. پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب ترقي ۽ خوشحالي جو گڏيل ويزن رکن ٿا ۽ ٻطرفي تعاون کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جا خواهشمند آهن. سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ دعاڳو آهيان. اعليٰ سطح تي وفد جي مٽاسٽا سان پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي تعا??ن جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيو آهي، سينيٽ جي چيئرمين سعودي عرب جي بادشاهه ۽ ولي عهد ??ي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پ??ڪس??ان جي عوام سعودي عرب جي ڀائرن جي خوشين ۾ شريڪ آهي. پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته مذهبي ۽ ثقافتي هڪجهڙائي کانسواءِ امن ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل بصيرت، ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏئي ٿي.