دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان??تا?? جو مسئلو سڀني کي گڏجي حل ڪرڻو پوندو، افغان??تا?? کي ان مرحلي تي اڪيلو نٿو ڇڏي سگهجي، افغان??تا?? کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته مختلف بحران جنم وٺندا، عالمي برادري جي ڀرپور ڪوششن جي باوجود دهشتگردي جي خطرا هاڻي به برقرار آهن، عالمي ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ ايس سي او جي لاءِ اهم آهي، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراراددن موجب حل ٿيڻ گهرجي، پاڪ??تا?? افغان??تا?? مان انخلا جي عالمي ڪوششن ۾ مدد کانسواءِ انساني امداد جي فراهمي ۽ سهولت ۾ هر ممڪن تعاون ڪيو آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو ا??هار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 20 هي?? سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.
هن چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن جي فروغ لاءِ ايس سي او هڪ اهم پليٽ فارم آهي، مواصلاتي رابطن سان خطي ۾ مثبت تبديلي ايندي، وزيراعظم ڪورونا وائرس جي وبا جو ذڪر ڪندي چيو ته ان سان عالمي معيشتون متاثر ٿيون آهن، هن چيو ته ماحولياتي تبديلي ٻيو اهم چئلينج آهي جيڪو دنيا کي درپيش آهي، پاڪ??تا?? ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو آهي.
وزيراعظم افغان??تا?? جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته هاڻي افغان??تا?? جي حقيقت دنيا کي تسليم ڪرڻي پوندي، افغان??تا?? جو مسئلو سڀني کي گڏجي حل ڪرڻو پوندو. هي افغان عوام سان گڏ بيهڻ جو وقت آهي، هن چيو ته پاڪ??تا?? دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪ??تا?? دهشتگردي جي جنگ ۾ 80 هزار جانين جي قرباني ڏني آهي، اسان جي معيشت کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نقصان پهتو.
وزيراعظم عمران خان چيو ته موسمياتي تبديلي دنيا لاءِ وڏو چئلينج آهي، اسان بهتر ماحول جي فروغ لاءِ وڻڪاري مهم شروع ڪئي آهي، اسان ملڪ جي هر حصي ۾ ٻوٽا پوکيا جتي وڻڪاري نه هئي، هن چيو ته وڻڪاري مهم کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ساراهيو ويو آهي، هن چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراراددن موجب حل ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته افغان??تا?? کي انساني بحران، خوراڪ، بنيادي شين ۽ ٻيا چئلينج درپيش آهن، هن چيو ته اسان آزاد خودمختيار فلسطين جي حمايت ڪريون ٿا ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت منهنجي لاءِ باعث فخر آهي.
وزيراعظم عمران خان چيو ته کيس تاريخي ايس سي او سمٽ لاءِ خوبصورت شهر دوشنبي ۾ اچڻ تي خوشي آهي. هن چيو ته اهو لمحو وڌيڪ خوشگوار آهي ڇو ته اهو تاجڪ??تا?? جي آزادي جي 30 هي?? سالگرهه سان گڏ آهي ۽ اسان تاجڪ??تا?? جي ڀائر عوام کي دلي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون ان موقعي تي صدر امام علي رحمانوف کي تاجڪ??تا?? جي چيئرمين شپ جي دوران ايس سي او جي دانشمنداڻي ذميداري تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
هن چيو ته ايس سي او جي 20 هي?? سالگرهه اسان جي هن وقت تائين جي سفر تي غور ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم موڙ آهي. وزيراعظم چيو ته جون 2001ع ۾ پنهنجي قيام کان ايس سي او هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو آهي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ماپي ۽ قد ۾ اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم اڄ مجموعي طور تي دنيا جي آبادي جي 44، عالمي سرزمين جو 25 ۽ عالمي جي ڊي پي جي 20 سيڪڙو جي نمائندگي ڪري ٿي، هن چيو ته ايس سي او جي معياري ۽ اداره جاتي بنيادن کي مضبوط بڻائڻ، سيڪيورٽي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي عملي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ متاثر ڪندڙ اڳڀرائي ٿي آهي.
هن چيو ته جيتوڻيڪ ايس سي او پراڻن ۽ نون چئلينجن جو جواب ڏيڻ لاءِ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي تنهن هوندي به تيزي سان مشڪل عالمي ماحول ۽ جيو پوليٽيڪل ڇڪتاڻ ايندڙ وقت ۾ اسان جي عزم جو امتحان وٺندي، هن چيو ته اسان کي بلاڪ سياست طرف ڪنهن به وهڪري جي مزاحمت ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏيڻ گهرجي ته پرامن گڏيل بقاءَ ۽ تعاون، ٽڪراءُ نه پر عالمي سياست جو بنيادي محرڪ هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا دنيا کي سخت متاثر ڪيو آهي ۽ ان سان انساني مصيبتن ۽ نقصان جو اندازو نٿو لڳائي سگهي، 46 لک ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن جڏهن ته 223 ملين متاثر ٿيا آهن.
وزيراعظم چيو ته ان سان سڄي دنيا ۾ صحت جو نظام متاثر ٿيو آهي، معيشتن کي زوال ۽ عالمي ٻاڙائي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، هن چيو ته ڪورونا سان غريب هر جاءِ تي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، 20 سالن ۾ پهريون ڀيرو دنيا غربت ۾ سخت اضافو ڏٺو آهي، هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ اسان ”سمارٽ لاڪ ڊائون“ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن ۾ هڪ ئي وقت زندگي بچائڻ، معاش کي محفوظ ۽ معيشت کي متحرڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو.
وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪ??تا?? جي سماجي تحفظ جي پروگرام احساس لکين خاندانن کي زنده رهڻ ۾ مدد ڏني آهي، مون ”گلوبل انيشي ايٽو فار ڊيٽ رليف“ به شروع ڪيو ته جيئن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ڪورونا وائرس جي وبا جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ پائيدار ترقي کي حاصل ڪرڻ لاءِ مدد ملي سگهي. هن چيو ته گهٽ وقت ۾ ڪورونا ويڪسين جي تياري سائنس جو معجزو آهي، اسان سمجهون ٿا ته سائنس کي دنيا جي ڪوششن جي رهنمائي جاري رکڻ گهرجي ڇو ته اها وبائي مرض جو مقابلو ڪندي آهي.
ڪورونا جي صورتحال کي سياسي بڻائڻ جي ڪوششن سان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته اهڙي وقت ۾ ورهاست آهي، جڏهن دنيا کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا ويڪسين هر هڪ کي برابر جي بنياد تي ۽ عالمي سطح تي عوامي جي ڀلائي لاءِ دستياب هجڻ گهرجي، هن چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ ٻيو خطرو آهي جيڪو ا??ان کي درپيش آهي، ان جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ عالمي ايجنڊا ۾ سڀ کان وڌيڪ ترجيح آهي، هن چيو ته عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪ??تا?? جي شرڪت نه هجڻ جي برابر آهي، ان جي باوجود پاڪ??تا?? 10 انتهائي ڪمزور ملڪن ۾ شامل آهي تنهن ڪري موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ منهنجي حڪومت جي اهم ترجيح آهي.
وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن جنهن ۾ 10 بلين ٽري سونامي پراجيڪٽ به شامل آهي، هن چيو ته ڪلين اينڊ گرين پاڪ??تا?? جي لاءِ اسان جي قدمن جو مقصد نه رڳو فطرت ۽ ماحولياتي نظام کي بحال ڪرڻ آهي پر سياحت کي وڌائڻ ۽ اسان جي نوجوانن جي لاءِ هزارين نيون ملازمتون پيدا ڪرڻ آهي. اسان 2030ع تائين پنهنجي 60 سيڪڙو توانائي کي صاف رکڻ جو هدف رکون ٿا. هن چيو ته اسان گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏجي پيرس معاهدي جي جامع لاڳو لاءِ ڪم جاري رکيو آهي.
وزيراعظم عمران خان نائين اليون حملن کي 20 سال مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته عالمي برادري جي ڀرپور ڪوششن جي باوجود دهشتگردي جا خطرا هاڻي به برقرار آهن، هڪ مذهب کي دهشتگردي سان جوڙڻ سڄي دنيا ۾ انتهائي کاٻي ڌر ۽ بالادست گروهن کي پروپيگنڊا ڪرڻ ۽ اثر رسوخ قائم ڪرڻ جو موقعو ڏنو، ڪجهه ڪيسن ۾ اهڙن انتهاپسندن ۽ متعصب نظريا نام نهاد جمهوريتن ۾ رياستي اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڊوڙيا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن اسان انهن خطرن ۽ چئلينجن کي نظر انداز ڪيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ نٿي کٽي سگهجي جنهن ۾ سڀ کان وڏي رياستي دهشتگردي آهي جيڪا تڪراري علائقن ۾ غير ملڪي قبضي جي تحت رهندڙ ماڻهن جي خلاف جاري آهي.
هن چيو ته پاڪ??تا?? ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي جنهن جي منصوبابندي، مدد ۽ مالي امداد اسان جي سرحد جي ٻي پار کان رياستي ادارن ڪئي. هن چيو ته تڪرارن جي فعال علائقن کان ٻاهر پاڪ??تا?? کان وڌيڪ ڪنهن ٻي ملڪ کي نقصيان ناهي ٿيو، اسان 80 هزار کان وڌيڪ انساني جانيون ۽ 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان کنيو آهي، ان کانسواءِ لکين ماڻهو اندروني لڏپلاڻ سبب متاثر ٿيا آهن، ان جي باوجود اسان جو عزم مضبوط آهي ۽ اسان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف جنگ عالمي برادري سان گڏجي وڙهنداسين.
وزيراعظم عمران خان چيو ته عالمي ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ ايس سي او جي لاءِ اهم آهي، اسان سمجهون ٿا ته حل طلب تڪرارن جي پرامن حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراراددن تي عملدرآمد امن جي لاءِ ضروري آهي ۽ تعاون جو ماحول بڻائڻ لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي قراراددن جي خلاف ورزي ڪندي تڪراري علائقن جي حيثيت تبديل ڪرڻ جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدم سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي منافي آهن ۽ ايس سي او کي ان طرح جي قدمن جي مذمت ڪرڻ گهرجي.
وزيراعظم عمران خان چيو ته تازن واقعن جي پيش نظر افغان??تا?? اسان جي ڌيان جو مرڪز آهي، افغان??تا?? جي اڳوڻي حڪومت جي اوچتي تبديلي جنهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، طالبان جو قبضو ۽ غير ملڪي فوج جي مڪمل انخلا افغان??تا?? ۾ هڪ نئين حقيقت قائم ڪري چڪو آهي، اهو سڀ ڪجهه رتوڇاڻ، خانه جنگي ۽ پناهگيرن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ کانسواءِ ٿيو جيڪو ا??مينان جو باعث هجڻ گهرجي.
هن چيو ته هاڻي هي عالمي برادري جي گڏيل مفاد ۾ آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته افغان??تا?? ۾ ڪو به نئون تڪرارر نه ٿئي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال مستحڪم ٿئي، هن چيو ته فوري ترجيحون انساني بحران ۽ معاشي پستي کي روڪڻ آهي، افغان??تا?? جي اڳوڻي حڪومت غير ملڪي امداد تي گهڻو ڀاڙيندي هئي ۽ ان امداد کي ختم ڪرڻ معاشي تباهي جو باعث بڻجي سگهجي ??و، هي افغان عوام سان گڏ بيهڻ جو وقت آهي. اسان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل قومن جي ايجنسين کي ساراهيون ٿا ته هو فوري طور تي انساني امداد لاءِ عالمي مدد کي متحرڪ ڪرڻ ۾ اڳتي وڌن، هن چيو ته پاڪ??تا?? افغان??تا?? مان انخلا جي عالمي ڪوششن ۾ مدد کانسواءِ انساني امداد جي فراهمي ۽ سهولت ۾ هر ممڪن تعاون ڪيو آهي.
وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانساتن سان عالمي برادري جو مثبت تعلق انتهائي اهم آهي، افغان??تا?? ۾ 40 سالن کان جاري جنگ کي ختم ڪرڻ جو هڪ نادر موقعو آهي جنهن کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي، ان نازڪ موڙ تي منفي ڳالهيون پکيڙڻ يا پروپيگنڊا ۾ ملوث ٿيڻ غير دانشمنداڻو هوندو، ان سان امن جا امڪان ڪمزور ٿيندا. ۽ افغان عوام کي نقصان پهچندو. هن چيو ته طالبان کي سموري سياسي گروهن جي لاءِ ڪيل واقعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي اهو افغان??تا?? جي استحڪام لاءِ ضروري آهي. اها ڳالهه به ضروري آهي ته سمورن افغانن جي حقن جو ا??ترام يقيني بڻايو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته افغان??تا?? ٻيهر دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه نه رهي.
هن چيو ته افغان??تا?? مسلسل تڪرارن ۽ عدم استحڪام جو شڪار رهيو آهي ۽ پاڪ??تا?? 40 سالن کان تقريبن 40 لک افغان پناهگيرن جو بار کنيو آهي ان لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغان??تا??، پاڪ??تا?? جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته افغانساتن جي تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته ان کي ٻاهران ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي، اسان مستحڪم، خودمختيار ۽ خوشحال افغانساتن جي حمايت جاري رکنداسين.
وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? پنهنجو ڌيان ”جيو پاليٽيڪس“ کان ”جيو اڪنامڪس“ تي ڏئي رهيو آهي جيڪو امن، ترقياتي حصيداري ۽ رابطن تي ٻڌل آهي، هن چيو ته پاڪ??تا?? جو جاگرافيائي بيهڪ هڪ قدرتي پل جي طور تي وچ ايشيا کي ڏکڻ ايشيا سان جوڙي ٿي ان جو ا??هار ايس سي او جي پليٽ فارم تان ٿيندو آهي. پاڪ??تا?? وچ ايشيا ۾ اسان جي ڪيترن ئي حصيدارن لاءِ سمنڊ جو مختصر ترين رستو فراهم ڪري ??و، هن ازبڪ??تا?? جي صدر پاران تاشقند ۾ جولائي ۾ وچ ايشيائي ڏکڻ ايشيا ڪنيڪٽوٽي عالمي ڪانفرنس جي ميزباني جي قدمن جي واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم چيو ته ايس سي او خطي ۾ ريل، رستي، سمنڊ ۽ هوائي رابطن سان واپار، توانائي جي وهڪري، ۽ ماڻهن سان ماڻهن جي مٽاسٽا جي نئين دور جو آغاز ٿيندو جيڪو خطي ۽ ان کان اڳتي ترقي ۽ خوشحالي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته اهي علائقائي رابطا چين پاڪ??تا?? اقتصادي راهداري سان مستحڪم ٿيندا جيڪي بي آر آءِ جو اهم منصوبو آهي، اسان کي موثر گهڻ رخي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن، ماڻهن جي خودمختياري، رياستن جي برابري ۽ خودمختياري، علائقائي سالميت جو ا??ترام ۽ جارحيت کان پاسو ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته اسان کي افغان??تا?? جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ هڪ جامع ايس سي او موقف جو تعين ڪرڻ گهرجي. اسان کي علائقائي رابطن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ گهرجي، ان عمل کي اڳتي وڌائيندي پاڪ??تا?? 2022ع ۾ ”علائقائي خوشحالي لاءِ ٽرانسپورٽ رابطا” جي موضوع تي هڪ ورچوئل ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪ??تا?? 2022ع ۾ ”ڊجيٽل اڪانومي جي ذريعي يوٿ ايمپاورمنٽ“ جي موضوع تي هڪ ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ چاهي ٿو.
وزيراعظم ايران جي نئين چونڊيل صدر ابراهيم رئيسي کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته آئون سعودي عرب، مصر ۽ قطر جي ڀائرن کي نئين مڪالمي جو حصيدار بڻجڻ تي مبارڪباد ڏيان ??و، هن شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل نوروف جا پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ سفير زانگ منگ کي نئون سيڪريٽري جنرل طور ڀليڪار چئي، وزيراعظم عمران خان صدر شوڪت مرزيوئيف کي ازبڪ??تا?? جي 22 -2021ع جي لاءِ ايس سي او جي چيئر تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس پاڪ??تا?? جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي.