اسلام آباد – 02 – سيپٽ??بر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم جي پلانٽ فار پاڪستان وڻڪاري مهم تحت پارليامينٽ لاجز ۾ ٻوٽو لڳايو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي صورت ۾ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، وڌيڪ وڻ هڻي اسان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ماحول دوست قدم اسان جي ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجن، ماحول دوست روين جي فروغ لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبدي??ين جي اثرن کي ڀرپور وڻڪاري ۽ ماحول دوست قدمن سان کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته عوام وزيراعظم عمران خان جي ڪ??ين اينڊ گرين پاڪستان مهم ۾ حصو وٺي وڻ هڻي ۽ ماحول دوست رويو اختيار ڪري. هن چيو ته موسمياتي تبدي??ين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر قانونسازي جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪاربن جو خارج گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ هائوس شمسي توانائي سان بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته هڪ اندازي موجب هن وقت پاڪستان جي رڳو 5.7 سيڪڙو زمين ٻيلن تي ٻڌل آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، وڻ لڳائڻ سان نه رڳو اسان جو ماحول خوبصورت ٿيندو پر وڻ آڪسيجن جو اهم ذريعو به آهن. صادق سنجراڻي چيو ته تعليمي ۽ سماجي ڌرين سميت قومي وڻڪاري مهم ۾ انفرادي طور تي هر هڪ کي حصو وجهڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان کي سرسبز شاداب بڻائي سگهجي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران 2 سيپٽ??بر 2018ع تي 10 ب??ين ٽري سونامي مهم شروع ڪئي، پلانٽ فار پاڪستان 5 سالا منصوبي ۾ 2023ع تائين 10 ب??ين وڻ لڳائڻ جو هدف آهي.