اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۾ آن لائين تعليم جو تناسب وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو طريقيڪار گهٽ لاڳت هجڻ سان گڏوگڏ شاگردن کي اعليٰ تعليم تائين آسان پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، تعليمي ادارا پن??نجي ويزن تي نظرثاني ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏي?? جي لاءِ فڪري برتري حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏين. صدر اهڙن خيالن جو اظها?? ايوان صدر ۾ رفاهه انٽرنيسنل يونيورسٽي اسلام آباد بابت هڪ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪي??. اجلاس ۾ رفاهه انٽرنيشنل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيس احمد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آر آئي يو اسد الله خان، رجسٽرار برگيڊيئر (ر) انجنيئر سليم احمد خان، فيڊرل ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ واري وزارت ۽ هايئ?? ايجوڪيشن ڪميشن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. رفاهه انٽرنيسنل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر صدر کي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي حوالي سان پن??نجي يونيورسٽين جي ڪاميابين ۽ ڪر??ار کان آگاهه ڪي??. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته يونيورسٽين کي چوٿين صنعتي انقلاب ۽ تحقيق ۽ ترقي جي سرگرمين جي گهرجن تي ڌيان ڏي?? جي ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي ڪاميابين کانسواءِ يونيورسٽين کي اخلاقي علم ۽ شاگردن جي ڪردارسازي تي پڻ ڌيان ڏي?? گهرجي. صدر مختلف معذور شاگردن کي ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس ۾ ڇوٽ ڏي?? جي ايڇ اي سي جي پاليسي کي پڻ ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪي?? ته ان سان انهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ملندي. هن تعليم ۽ صنعت جي وچ ۾ رابطن ۽ عالمي يونيورسٽين سان تعاون کي فروغ ڏي?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪو معياري تعليم جي فروغ ۾ مدد??ار ثابت ٿيندو. صدر تعليم جي فروغ ۾ نمايان ڪر??ار ادا ڪرڻ جي حوالي سان يونيورسٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.