لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سا?? پاڪستان فيڊرل يونين جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي صدر را??ا عظيم ۽ پنجاب يونين آف جرنلسٽس (پي يو جي) جي صدر شهزاد حسين بٽ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ پي ايف يو جي جو سيڪريٽري اطلاعات احتشام الحق، آل پاڪستان نيوز پيپرز ايمپلائيز ڪنفيڊريشن (ايپنڪ) جو وائيس چيئرمين نعيم مصطفيٰ، پي يو جي جو سيڪريٽري اشرف مجيد، پي ايف يو جي جو اسسٽنٽ سيڪريٽري شاهد چوڌري، لاهور پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جو ميمبر فاروق جوهري ۽ را??ا مظهر پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ صحافين جي مسئلن ۽ پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) مسودي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي ۽ پي ايم ڊي اي بابت صحافين جي خدشن کي ختم ڪنداسين. هن چيو ته پي ايم ڊي اي ۾ صحافي ورڪرز جي حقن کي يقيني بڻائي رهي?? آهيون جڏهن ته پي ايم ڊي اي جي حوالي سان قياص آرائيون بلڪل ڪوڙ آهن، ڪنهن به ميڊيا هائوس کي بند نه پيو ڪيو وڃي. فواد چوڌري چيو ته صحافين جي لاءِ رهائشي پلاٽس ۽ آسان شرطن تي قرض جاري ڪري رهي?? آهيون جڏهن ته پي ايم ڊي اي کي آرڊيننس سان نه پر بل جي صورت ۾ آڻي رهي?? آهيون. هن چيو ته پي ايم ڊي اي مسودي جي شفافيت جي لاءِ ڪميشن ٺاهينداسين جنهن جو سربراهه هاءِ ڪورٽ جو رٽائرڊ جج يا ان جي برابر عهدي جي شخصيت هوندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پي ايف يو جي جي سيڪريٽري جنرل را??ا عظيم چيو ته پي ايم ڊي اي ۾ صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي حقن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پي ايم ڊي اي جو اصل مسودو جاري ڪري ڌرين سان مشاورت ڪئي وڃي. پي يو جي جي صدر شهزاد حسين بٽ چيو ته ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي ۽ پگهارن جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته صحافين کي هر صورت ۾ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. (ايپنڪ) جي چيئرمين نعيم مصطفيٰ چيو ته پي ايم ڊي اي بابت ميڊيا ورڪرز جي بي چيني کي ختم ڪيو وڃي.