اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ??ينيٽر فيصل جاويد 14 آگسٽ 2021?? تي پنهنجي حصي جو ٻوٽو ??وک?? کانپوءِ قوم کي آزادي جي مبارڪباد ڏني. پنهنجي هڪ خصوصي وڊيو پيغام ۾ هن ماحوليات جي حوالي سان پاڪستان جي ڪاميابين ??ي فهرست پيش ڪئي. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته وزيراعظم جي اپيل تي اسان سڀني اڄ پنهنجي حصي جو ٻوٽو لڳائڻو آهي، هن چيو ته ماحوليات جي تحفظ لاءِ پاڪستان ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، سينيٽر فيصل جاويد وڌيڪ چيو ته اسان خبرپختونخوا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ٻوٽا پوکيا آهن، هن چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن هن ڀيري 10 ارب وڻن جي وڻڪاري جو هدف مقرر ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ماحوليات جي حوالي سان يو اين ??ا هدف مقرر مدي کان 10 سال اڳ ئي حاصل ڪري ورتا آهن، هن پاڪستاني قوم کي اپيل ڪئي ته اسان سڀني کي اڄ پنهنجي حصي جو ٻوٽو ??وک??و آهي ۽ پنهنجي تصوير حڪومت پاڪستان کي موڪلڻي آهي.