اسلام آباد ?? 20 ??گس?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي وڏ?? وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ملاق??ت ۾ وزيراعظم کي صوبي ۾ زراعت ۽ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گومل زام ڊيم منصوبي سان صوبي جي 160،000 ايڪڙ زمين پوکي جي قابل بڻجندي جڏهن ته سي آر بي سي لفٽ ڪينال منصوبي جي ذريعي 300،000 ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي. وزيراعظم وڏ?? وزير کي هدايت ڪئي ته انهن منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وڏ?? وزير وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ 27 لک سياح سير ۽ تفريح لاءِ آيا جنهن سان 66 ارب روپين جو روينيو حاصل ٿيو آهي.