اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي نئين چونڊيل ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ??ه سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳا??ا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر عارف ??لوي نئين چونڊيل ايراني صدر جي نالي مبارڪباد جو خط موڪليو آهي. صدر نئين چونڊيل صدر ۽ ايراني عوام کي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ايراني عوام ام??، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ توهان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو، اميد آهي ته توهان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳا??ا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.