اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وبا ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت ع??لي جي ضرورت آهي، ڪورونا وبا جي عالمي سطح تي روڪٿام لاءِ ويڪسينيش?? جي عمل ۾ اسرندڙ ملڪ?? جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستان ماحولياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي، اسان کي ڪورونا وبا جي ٽئين لهر درپيش آهي، ان لهر کي به شڪست ڏينداسين، عالمي برادري کي اها ڳاله?? يقيني بڻائڻ گهرجي ته ويڪسين هر جڳهه، هر ڪنه?? جي لاءِ ۽ جلد کان جلد ستياب هجي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي رستي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ گهرجن، ترقي ي??فت?? ملڪ پيرس معاهدي تحت پنهنجا واعدا پورا ڪن، اسرندڙ ملڪن مان چوري ٿيل اثاثا فوري ۽ غيرمشروط طور واپس ٿيڻ گهرجن، اسان کي گڏجي غيرمشروط طور هڪ نئين، پرامن، برابري ۽ پائيدار عالمي نظام جي لاءِ تعاون ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قوم?? جي ترقي جي لاءِ مالي مدد بابت اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل فورم جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.