اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سينٽرل بز??س ڊسٽرڪٽ ۽ راوي منصوبا موجوده حڪومت جي ترجيحي منصوبن ۾ شامل آهن، ان تي ٽائيم لائنز موجب عملدرآمد کي يقيني ب??اي?? وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ر??وي سٽي منصوبي ۽ سينٽرل بز??س ڊسٽرڪٽ جي قيام جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ راوي سٽي منصوبي جي اڳڀرائي ۽ راوي سٽي ۾ ايگري فارمنگ جي شع??ي ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي به وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. لاهور ۾ سينٽرل بز??س ڊسٽرڪٽ جي قيام جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي بابت به اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته راوي سٽي منصوبو لاهور شهر جي مسئلن جي حل لاءِ اهم اهميت رکندڙ آهي. راوي سٽي منصوبي سان لاهور سميت پوري صوبي ۾ معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون.