ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي ??ي ايف ايئر وار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، سندس آ??د تي ايئر مارشل عامر مسعود، ڊپٽي چيف آف دي ايئر اسٽاف (ٽريننگ) ??اڪ??تان ايئر فورس سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي خاص مهمان ڊاڪٽر عارف علوي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو جنهن جي ڪري هو منصوبو رڪارڊ مدي ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي معيار موجب پڄاڻي تي پهتو. هن چيو ته ??اڪ??تان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ دنيا ان ڳالهه جي گواه آهي ته اسان ڀارتي پائليٽ کي بنا ڪنهن دٻاءُ جي واپس موڪليو. پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي هن چيو ته 27 فيبروري 2019ع کانپوءِ پوري دنيا پي ??ي ايف جي پيشيوراڻي صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڏٺو، صدر اداري جي مختلف شعبن جو دورو به ڪيو ۽ اتي موجود استادن ۽ عملي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي.