وانا – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ وزيرستان ۾ ٿري جي ۽ فور جي انٽرنيٽ سروس کولڻ جو اعلان ڪندي ??يو آهي ته دهشتگردي ۾ قبائلي ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي اولين ترجيح آهي، قبائلي ضلعن ۾ اسڪول، ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٺاهينداسين، ڏکڻ وزيرستان جي عوام جي لاءِ تعليم ۽ روزگار وڏا چئلينج آهن، عوام کي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ ڏينداسين، قبائلي علائقن ۾ زيتون جي پوک جو انقلاب آڻي ره??ا آهيون، احساس پروگرام تحت غريب ۽ مستحق ماڻهن کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي، ڀارتي حڪومت پاڪستان ۾ مسلسل انت??ار پکيڙڻ جي پويان آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جو فلسفو آهي ته پوئتي پيل طبقن ۽ پسمانده علائقن کي ترقي ڏني وڃي، وقت ثابت ڪندو ته قبائلي علائقن جي انضمام جو ??يص??و بهترين ??يص??و هو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ڪامياب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ??يو.