اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عا??ف علوي سان پاڪستان ۾ ڏکڻ ڪوريا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪواڪ سانگ ڪيو الوداعي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. صدر عا??ف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ ٻه طرفي واپار جي موجوده ماپي کي وڌائڻ جي ڪافي صلاحيت موجود آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ سياسي وفدن جي مٽاسٽا جي سخت ضرورت آهي