اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) نئون پ??ڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي (اين اي پي ايڇ ڊي اي) جي چيئرمين لفيٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ڪوريا جي ڪمپني جي – سونگو جي پاڪستان ۾ پهرين فيبري ڪيٽڊ هائوس جو افتتاح ڪيو، سومر ڏينهن پ??ڪ چائنه فرينڊشپ سينٽر ۾ ڪمپني پاران ڪيٽڊ هائوس جو ڊيمو پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ نئون پ??ڪستان ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل عامر اسلم خان سميت ڪمپني جي نمائندن ۽ ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي نئون پ??ڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته پوئتي پيل ۽ غريب طبقن کي گهٽ لاڳت جي گهرن جي ف??اه??ي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ان مقصد جي لاءِ حڪومت بلڊرز ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي هر ممڪن سهولتون ف??اه?? ڪندي، ڪمپني پاران نئون پ??ڪستان هائوسنگ ڊولپمنيٽ اٿارٽي جي چيئرمين کي بريفنگ ڏني وئي، ڪمپني جي نمائندن ٻڌايو ته ٻن ڪمرن تي ٻڌل گهر ستن ڏينهن ۾ تيار ڪيو ويو آهي، گهڻين خاصيتن سان گڏ ان گ??ر جي ڄمار 50 سال آهي، هن ٻڌايو ته ان گ??ر جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ٻاهران گ??رايو ويو آهي، ان کي ملڪ جي اندر به تيار ڪري سگهجي ٿو، ان گ??ر جي تياري ۾ انسوليشن والس استعمال ڪئي وئي آهي، جيڪا راويتي گهر جي مقابلي ۾ 43 ڀيرا بهتر آهي، جڏهن ته اهو گهر باهه ۽ زلزلي جي خطرن کان به محفوظ آهي، هن ٻڌايو ته اسان جي ڪمپني چار ماڙ گهر ۽ اپارٽمينٽس جي تياري ڪري سگهي ٿي، هن ٻڌايو ته جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي سان نه رڳو غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي پر ٽيڪنالاجي جي حامل تعميراتي ۽ لاڳاپيل شعبن روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڪمپني جي نمائيندي چيو ته ان جي ڪمپني وزيراعظم عمران خان جي 50 لک گهرن جي تعمير جي ويزن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، ڪمپني ساليانو 18 هزار گهر ۽ اپارٽمينٽس تيار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن ٻڌايو ته وڌيڪ پيداواري سهولتن سان گڏ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، ان کان اڳ نئون پ??ڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ڪمپني پاران تيار ڪيل پهرين فيبريڪيٽڊ گهر جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي نئون پ??ڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر اسلم خان ۽ ٻيا سينئر عهديدار به موجود هئا.