اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر جو گوجرانوالا جلسو فلاپ شو هو، اهي ماڻهو ذاتي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن ان جي لاءِ عوام ذاتي مفادن جي تحفظ لاءِ ٺاهيل هڪ ٽولي کي سپورٽ نه ڪندي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي سم??هندي هئي ته اقتدار انهن جو پيدائشي حق آهي ۽ اهي سدائين واريون وٺندا رهندا پر وزيراعظم عمران خان اچي انهن کي اقتدار کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ هاڻي هٿ پي?? هڻي رهيون آهن، نواز شريف گذريل 40 سال?? کان انهي نظام جو حصو رهيو آهي، هاڻي ڪٿان انقلابي اچي ويو، نواز شريف ۾ جيڪڏهن جرئت آهي ته وطن واپس اچي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن توهان ذاتي ايجنڊا کڻ?? هلندا ته قوم پٺيان نه ايندي، وزيراعظم عمران خان قومي ايجنڊا ت?? هلي رهيو آهي ان لاءِ پوري قوم ان سان گڏ بيٺل آهي.