اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) بين الپارلياماني يونين جي صدر گيبريلا ڪيووس بيرن پاڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ کا??پوءِ وطن واپس روانو ٿي وئي آهي، سينيٽ سيڪريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽر مرزا م??مد آفريدي ۽ سينيٽ جي اعليٰ عملدارن آءِ پي يو جي صدر کي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ا??وداع ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته مون کي پاڪستان اچي وڏي خوشي ٿي، آئون پاڪستاني ثقافت ۽ مهمانوازي جون يادون کڻي وڃي رهي آهيان، هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي فرو?? ڏيڻ لاءِ وسي?? موقعا موجود آهن، گوادر، لاهور، مري ۽ ٻيا هنڌ پنهنجي تاريخي ا??ميت رکن ٿا، هن چيو ته پاڪستان آءِ پي يو جو هڪ فعال ميمبر آهي ۽ هو اميد ڪري ٿي ته پاڪستان آءِ پي يو جي پليٽ فارم تي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندو رهندو.