اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو اڄ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اسيمبلي کي خطاب ڪندو. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل سال 5 آگ??ٽ جي غيرقانوني قدمن کانپوءِ ڪشميرين ک?? ڀارت جي هٿان ظالماڻي فوجي گهيراءُ درپيش آهي جڏهن ته والاريل واديءَ ?? آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جون ڪوششون پڻ جاري آهن. وزيراعظم چيو ته هندستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قب??ي ذريعي جن ڪشميرين جو آواز دٻا??ڻ جي ڪوشش ڪئي آئون بطور سفير انهن سڀني جو آواز بڻجندو رهندس.