اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورون?? وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2 ??زا?? 980 پازيٽو ڪيسز رپورٽ ٿيا، هڪ لک 40 ??زا?? 965 مريض ڪورون?? وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي ويا، ٽي ٽي ڪيو حڪمت عملي تحت 30 شهرن ۾ وقت سر هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي، انهن علائقن ۾ وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٽارگيٽيڊ لاڪ ڊائون عوام جي صحت کي يقيني بڻائيندو. اين سي او سي موجب صحت جي ماهرن جو مشورو آهي ته جيئن ته عوام گذريل 4 کان 6 هفتن ۽ خاص طور تي عيدالفطر جي موقعي تي معاشرتي فاصلي، ماسڪ جي استعمال سميت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو اهڙي طرح عيدالاضحيٰ دوران به اهڙو ئي تعاون جاري رکي، ان سان انتظاميا کي وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. ڪورون?? وائرس جي ڪري گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 83 ماڻهو فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 21 ??زا?? 951 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ سنڌ جا 9 ??زا?? 317، پنجاب جا 7 ??زا?? 659، خيبرپختونخواهه جا 2017، اسلام آباد جا 2078، بلوچستان جا 505، گلگت بلتستان جا 2 ۽ آزاد ڪشمير جا 293 ٽيسٽ شامل آهن.