اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ان ڏس ۾ تجويز ڪيل قانون سازي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ هڪجهڙن موقعن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان تح??يڪ انصاف سان تعلق رکندڙ اقليتي ??را??ري جي قومي اسيم??لي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. وز??راعظم سان ملاقات ڪندڙ ميمبرن ۾ جئه پرڪاش، شنيله رٿ، لعل چند، رميش ڪمار ۽ جمشيد ٿامس شامل هئا، ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وز??ر نور الحق قادري ۽ پاڪستان تح??يڪ انصاف جو قومي اسيم??لي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هئا.