اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشري??ت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته صدر جو عالم سڳورن سان مشاورت کانپوءِ متفقه پڌرنامو انتهائي خوش آئنده آه??، رمضان المبارڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ صدر جو قائداڻو ڪردار سا??اهه جوڳو آهي، ان وبا جو احتياط ئي سڀ کان موثر علاج آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪورونا جي خلاف جنگ ۽ قومي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ ۾ عالم سڳورن جو ڪردار انتهائي اهم آهي.