اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ معاشي، ثقافتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ فر??غ ڏيڻ جي ضرورت آهي، عالمي برادري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪن آرمي جي چيف آف ڊفينس اسٽاف ۽ ڪمانڊر جنرل شوندراسلوا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پ??ڪس??ان سريلنڪا سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي متقفه راءِ رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي، ثقافتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ فر??غ ڏيڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته پ??ڪس??ان ٻڌ سياحن جي لاءِ هڪ پرڪشش منزل آهي، سريلنڪا جي ماڻهن کي پ??ڪس??ان ۾ مذهبي ۽ قدرتي ماڳن جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي. صدر عارف علوي سريلنڪن آرمي جي چيف آف ڊفينس اسٽاف ۽ ڪمانڊر ڱي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پ??ڪس??ان جي ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو.