اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خودمختياري و??رو حق انساني احترام جو بنيادي جزو آهي، عالمي برادري کي ڀارتي غير قانوني و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حوالي سان پنهنجي خاطرين ۽ ذميدارين کي پورو ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميرين جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري و??ري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي هرممڪن حمايت جاري رکندو. ڪشميرين جي خودمختياري و??ري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته هر سال پنج جنوري کي ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن لاءِ خودمختياري و??ري حق جي ڏهاڙي جي طور تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته عالمي برادري ڀارتي غير قانوني و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حوالي سان پنهنجي ذميدارين کان نظرون نٿي ڦيرائي سگهي.