اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته مخالف ڌر ڪرپشن ۽ چوري ڪري پاڪستان سميت سڄي ملڪ ۾ اثاثا ٺاهيا، پاناما دستاويز پاڪستان جي ڪنهن ميڊيا هائوس يا نيب جاري ناهن ڪيا، لنڊن جي ملڪيتن جي حوالي سان بي بي سي جي ڊاڪيومينٽري ٺهي، جڏهن ته ??يو??ارڪ ٽائيمز آرٽيڪل به لکيا، بهترين جمهوريت جي لاءِ ميڊيا جو هجڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ ۾ مخالف ڌر پاران پيش ڪيل رٿن تي بحث ۾ حصو ??ٺندي ڪيو. وفاقي وزير مراد سعيد نئين سال جي آغاز کي سينيٽ جي سڀني ميمبرن کي مبارڪون ڏ??يو??، هن چ??و ته نيب جي حوالي سان نيب جو ترجمان ئي بهتر ڳالهائي سگهي ٿو، هن ميڊيا ۽ اينڪرز جي حوالي سان بيانن جي مذمت ڪندي چيو ته ميڊيا ۽ صحافين کي جنهن انداز سان مخاطب ڪيو ويو ۽ پوري صحافي بر??در?? کي تڪراري بڻايو ويو اها غير مناسب ڳالهه آهي، هن چ??و ته ماضي ۾ نيب سميت پارليامينٽ، ايس اي سي پي، ايف بي آر، ۽ قومي اسيمبلي کي پنهنجي مرضي جي ماڻهن جي خلاف ۽ پنهنجي ڪرپشن جي دفاع لاء?? استعمال ڪيو ويو.