اسلام آ??اد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان عالمي بئنڪ سان حصيداري کي گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن اها ڳالهه هتي پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ جي وچ ۾ توان??ئي بابت هڪ ارب 15 ڪروڙ ڊالر جي ٻن معاهدن تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي چئي. اهي ٻئي معاهدا خيبرپختونخوا ۾ هائيڊرو پاور ۽ متبادل توان??ئي جي منصوبن بابت آهن، خيبرپختونخوا ۾ هائيڊرو پاور ۽ متبادل توان??ئي جي منصوبن تي 45 ڪروڙ ڊالر لاڳت اي??دي، داسو هائيڊرو پاور منصوبي جي پ??ري?? فيز تي لاڳت جو ڪاٿو 70 ڪروڙ ڊالر آهي، خيبرپختونخوا ۾ هائيڊرو پاور ۽ متبادل توان??ئي جو منصوبو هڪ ترقياتي پروگرام آهي جنهن سان صوبي ۾ متبادل توان??ئي جي وسيع صلاحيت مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي.