اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ اطلا??ات ۽ نشريات واري سيڪريٽري اڪبر حس??ن دراني جي قيادت ۾ ??شم??ر استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي خيابان سهروردي روڊ تي اطلا??ات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ذيلي ادارن جي گڏيل ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي شرڪت ڪندڙ مودي سرڪار جي ظلمن ۽ ??شم??رين سان ڀرپور يڪجهتي جي عزم کي ورجايو. ??شم??ر استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان خيابان سهروردي روڊ (زيرو پوائنٽ فلاءِ اوور) کان احتجاجي ريلي شروع ڪئي وئي جنهن جي قيادت اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ اطلا??ات ۽ نشريات واري سيڪريٽري اڪبر حس??ن دراني ڪئي. ريلي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي آڏو ختم ٿي جتي ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان عالمي برادري کي اهو باور ڪرائڻ چاهين ٿا ته ??شم??ر جي ماڻهن تي جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ جو طوفان برپا آهي هندوستان کي ان جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته هندوستان بدمست هاٿي وانگر خط?? جي امن ۽ استحڪام ۽ توازن کي غيرمستحڪم ڪري رهيو آهي. عالمي برادري کي ان جو نوٽيس وٺڻو پوندو. هن چيو ته اڄ اسان ??شم??ر جي مظلوم، معصوم ماڻهن سان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام انهن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان جي هن سري نگر ايڪسپريس وي جي منزل سرينگر آهي، اسان هن ايڪسپريس وي تان سرينگر پهچي مظلوم ۽ معصوم ??شم??رين جي مدد ڪندي انهن کي ڀارتي ڌاڍ کان آزاد ڪرائينداسين، انشاءَ الله جلد ??شم??ري آزادي جو ساهه کڻندا. هن چيو ته ??شم??ر استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ??شم??رين تي جاري ظلمن جي خلاف آواز کي بلند ڪرڻ آهي ڇو ته عالمي برادري ??شم??ري عوام تي ٿيندڙ ظلمن تي خاموش آهي، ان منافقاڻي رويي سان عالمي امن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارت والاريل ??شم??ر کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جبري گمشدگيون، نوجوانن تي ظلم، پيلٽ گنز جو استعمال ۽ غيرقانوني فوجي گهيراءُ دنيا کي ڇو نظر نه اچي رهيو آهي، اڄ پاڪستاني 22 ڪروڙ عوام جو هڪ ئي موقف آهي ته ڀارت کي انهن سمورن ظلمن جو حساب ڏيڻو پوندو. ريلي ۾ اي پي پي جو ايم ڊي طارق محمود خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر شاهيره شاهد، ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان، ڊي جي آءِ پي سهيل علي خان، ڊي جي ڊيمپ سعيد جاويد، ڊي جي اي پي عمرانه وزير سميت اطلا??ات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي ادارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.