اسلام ??با?? – 03 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت والاريل ??مون ۽ ڪشمير جي غاصباڻي قبضي ۽ گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي خصوصي يادگار ٽڪلي جاري ڪري ڇڏي آهي، ان خ??وصي يادگار ٽڪلي جاري ڪرڻ جو مقصد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارت جي انسانيت دشمن سرگرمين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کان دنيا کي آگاهه ڪرڻ آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ پوسٽل سروسز ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد پي آءِ ڊي ۾ گڏ??ل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان پوسٽ پاران جاري ٿيندڙ يادگار ٽڪلي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي پهرين ڪڙيءَ آهي، ان يادگار ٽڪلي جو مقصد دنيا کي اهو باور ڪرائڻ آهي ته ڪيئن ڀارت ڪشمير جي معصوم عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جو راڄ قائم ڪيو آهي، ان جي هي عڪاسي ڪري ٿو، اها يادگار ٽڪلي سڄي دنيا ۾ ويندي ماڻهن کي احساس ٿيندو ته ڀارت ڪشميري عوام تي ڪهڙِ طرح ظلم ۽ ڏاڍ جو طوفان برپا ڪري رکيو آهي، وزيراعظم عمران خ??ن جي گڏيل قومن جي تقرير سان شروع ٿيندڙ سفر ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي هڪ نئين روح ڦوڪي آهي، وزيراعظم عمران خ??ن جهڙي طرح چيو ته هو ڪشمير جو سفير ۽ وڪيل بڻجي اهو ڪيس وڙهندو، اهو سفر اڃا جاري آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي ٿيل ??شمير ۾ ٻيهر ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها ڪري ڇڏي آهي.