اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي حوالي سان پاڪستان ۾ حالتون دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪنٽرول ۾ آهن، احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ۽ عوام ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ سان صورتحال ۾ نمايان بهتري اچي سگهي ٿي، عوام جيڪڏه?? ڪورونا وائرس جون علامتون محسوس ڪري ته فوري طور ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي ٽيسٽ جي لا??ِ رجوع ڪري، عوام ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي لا??ِ قدم کڻڻ گهرجن ۽ ان حوالي سان جلد هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي. اها ڳالهه وزيراعظم عمران خان نيشنل ه??لٿ ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.