اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايڪنڪ جي ا??لاس جي صدارت ڪئي. نائب وز??راعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وز??ر احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وز??ر سينيٽر محم?? اورنگزيب، صوبائي وز??رن ۽ وفاقي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪميٽي اٽڪل 217 ارب رپين جي لاڳت سان 7 ترقياتي منصوبن تي غور ڪيو ۽ انهن جي منظور?? ڏني. ڪميٽي سنڌ ايمرجنسي فلڊ بحالي پراجيڪٽ جي آبپاشي نظام جي دائره ڪار ۾ اضافي جي منظور?? ڏني. اجلاس سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبن ۾ ايندڙ ڪاريڪ ڪورڊور روڊ انفراسٽرڪچر پراجيڪٽ تي نظرثاني جي پڻ منظور?? ڏني. ڪميٽي 25.4 ارب رپين جي لاڳت سان ڪراچي واٽر سپلاءِ اينڊ سيوريج امپروومنٽ پراجيڪٽ جي نظرثاني ٿيل منصوبي ۽ پنجاب جي ا??ڪولن ۾ حاضري ۽ سکڻ جي نتيجن کي بهتر بڻائڻ جي مقصد سان ورلڊ بئنڪ جي فنڊيڊ پراجيڪٽ گريڊز جي پڻ منظور?? ڏني.