اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي آءِ اي جي يورپ جي لاءِ اڏامن جي بحالي کانپوءِ پيرس جي لاءِ پهرين اڏام جي روانگي تي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پي آءِ اي جي يورپ جي لاءِ اڏام جي بحالي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪ??تا??ين کي سهولت ٿيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪ??تا??ي سڌوسنئون اڏامن مان فائدو کڻي سگهندا. اڏامن ج?? بندش سان قومي ايئر لائينز کي اربين ڊالر جو نق??ان ۽ ان جي ساک متاثر ٿي. الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومت قومي ايئر لائينز جو تشخص بحال ڪيو. وزيراعظم چيو ته يورپ اڏامن جي بحالي کانپوءِ پي آءِ اي ترقي طرف گامزن آهي. ان حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، هوابازي ۽ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه مح??د آصف، لاڳاپيل سمورا ادارا، ان جا آفيسر ۽ اهلڪار ساراهه جي لائق آهن.