اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڊيره اسماعيل خان ۾ فتنه الخو??رج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي سار??هي??دي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي بهادر فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خارجي اڳواڻ سميت 5 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي آپريشن ۾ شريڪ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي سار??هي??. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي بهادر فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته مون سميت پوري قوم پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ دشمنن جي خلاف جنگ ۾ شريڪ سيڪيورٽي فورسز کي خ??اج تحسين پيش ڪري ٿي.