اسل??م آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخ??رن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 17 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 18 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 11 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 11 هزار 100 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو هيٺانهون وهڪرو 15 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 15 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 6 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 5 هزار 300 ڪيوسڪ۽هيٺانهون وهڪرو هڪ هزار 700 ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊي?? جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊي?? ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1470.76 فوٽ ۽ ڊي?? ۾ پاڻي ذخ??رو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استع??ال جوڳو پاڻي جو ذخ??رو 1.873 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊي?? ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1132.15 فوٽ، ڊي?? ۾ پاڻي ذخ??رو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استع??ال جوڳو پاڻي جو ذخ??رو 1.077 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 639.30 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخ??رو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استع??ال جوڳو پاڻي جو ذخ??رو 0.017 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.
شام جي خودمختياري جا حامي آهيون، ان کي دهشتگردي جي پناهه گاهه نه بڻجڻ گهُرجي: ايران
تهران -24 ڊسمبر (اي پي پي) ايران شام جي خودمختياري لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءٌ ڪندي چيو آهي ته ان کي دهشتگردي جي پناهه گاهه نه بڻجڻ گهُرجي.پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته شام جي باري ۾ اسان جو موقف بلڪل واضح آهي. ان جي خودمختياري ۽ سلامتي جو تحفظ ۽ اندروني مداخلت بنا شام جي عوام جي مستقبل جو فيصلو ٿيڻ گهرجي.