اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ڪ??سم?? جي پُرمسرت موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسيحي ڀينرن ۽ ڀائرن کي مبارڪ پيش ڪندي چيو آهي ته اسان پنهنجي مسيحي برادري طرفان ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام خاص طور تي تعليم، صحت جي سارسنڀال ۽ قوم جي تعمير جي شعبن ۾ ڪيل مثالي تعاون تي کين خراجِ ت??سين ??يش ڪريون ٿا. پاڪستان حڪومت سمور??ن مذهبي برادرين جي حقن جي تح??ظ ۽ احترام جي ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق ڪ??سم?? 2024ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪ??سم?? جي موقعي تي مان پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام همدردي، مهرباني، رحم ۽ حڪمت جهڙين ??ائيدار قدرن جي تربليغ ڪئي، ماڻهن جي نيڪ زندگي طرف رهنمائي ڪئي ۽ کين رب العزت جي قربت حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي مسيحي برادري طرفان ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام خاص طور تي تعليم، صحت جي سارسنڀال ۽ قوم جي تعمير جي شعبن ۾ ڪيل مثالي تعاون تي پڻ خراجِ ت??سين ??يش ڪريون ٿا. حڪومت سمور??ن مذهبي برادرين جي حقن جي تح??ظ ۽ احترام جي ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا رهنداسين ته سمورن مذهبن جا ماڻهو آزاد طور تي پنهنجي عقيدن تي عمل ڪري سگهن ۽ پاڪستاني قوم جي اجتماعي ترقيءَ ۾ پنهنجو حصو وِجهن. هن چيو ته ان پُرمسرت موقعي تي منهنجي دُعا آهي ته هي ڪ??سم?? هر گهر ۾ خوشيون ۽ برڪتون آڻي ۽ ايندڙ سال اسان جي پياري ملڪ ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ اميد، امن ۽ ڪاميابين سان ڀريل هجي. سڀني کي ڪ??سم?? جون مبارڪون هجن.