اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين، انساني ترقي ۽ وسيلن بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان صحت ۽ مهارتن جي ??عبن ۾ گڏيل سهڪار لاءِ چيني وفد ملاقات ڪئي. ڪالهه سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت ۾??ن جاري پريس رليز موجب او پي ايڇ هيلٿ ڪيئر پروجيڪٽ جي ??ربراهه اسڪارليٽ جي ??ڳواڻيءَ ۾ چيني وفد گاريا گروپ طرفان هڪ جامع تجويز پيش ڪئي جيڪا بنيادي صحت جي ??ارسنڀال ۾ ڊجيٽل شين ۽ خدمتن لاءِ مربوط حل فراهم ڪندڙ هڪ مشهور ادارو آهي. ڄاڻايل پراجيڪٽ آرٽيفيشل انٽيليجنس تي ٻَڌل اسٽريٽجڪ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ذريعي ڏورانهن علائقن ۽ غريب ڪميونٽين کي صحت جي ??ستي سارسنڀال فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جنهن سان علاج جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ صحيح سُڃاڻپ ممڪن ٿيندي. ان پراجيڪٽ جي هڪ قابل ذڪر خاصيت هڪ پورٽيبل سُڃاڻپ واري مشين جو تعارف آهي جيڪو 7 کان 8 قسمن جي ??يمارين جي ??ُڃاڻپ ڪرڻ جي ??لاحيت رکي ٿو جنهن سان چُرپُر جي ??رچن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. ان کان علاوه پراجيڪٽ جو ڊجيٽل پليٽ فارم مريضن، ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل اسٽورن وچ ۾ را??طن کي ممڪن بڻائيندو. رپورٽون سڌيءَ ريت پينل تي موجود ڊاڪٽرن سان شيئر ڪيون وينديون ۽ دوائن بابت ميڊيڪل اسٽورن سان شيئر ڪيون وينديون جنهن سان مريضن کي دوائن جي ??ڌيءَ ريت فراهمي ۾ سهولت ٿيندي. وفد سرٽيفڪيشن جي ٽن درجن بابت به آگاهه ڪيو جنهن ۾ هواوي سرٽيفائيڊ آءِ سي ٽي ايسوسيئيٽ (ايڇ سي آءِ اي) 2 هفتن جو ڪ??رس، هواوي سرٽيفائيڊ آءِ سي ٽي پروفيشنل (ايڇ سي آءِ پي) هڪ مهيني جو ڪ??ر ۽ هواووي سرٽيفائيڊ آءِ سي ٽي ايڪسپرٽ (ايڇ سي آءِ اي) 6 مهينن جا ڪورس شامل آهن. وفاقي وزير ان منصوبي کي چين جي ??عليم واري وزارت طرفان هڪ اهم سيڙپڪاري طور تي تسليم ڪيو. اها ملاقات او پي ايڇ ۽ صحت واري وزارت وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) ذريعي ڀائيواري کي باضابطه بڻائڻ لاءِ اتفاق را??ِ تي پڄاڻي ٿي. وفاقي وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اهڙيءَ طرح جون ڀائيواريون پاڪستانين جي هنرمندي کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اهڙيءَ طرح عالمي ملازمتن جي مارڪيٽ ۾ ??ن جي مسابقت ۾ واڌ ٿئي ٿي.