اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”ون واٽر سمٽ“ ۾ شرڪت جي لاءِ 3 ۽ 4 ڊسم??ر ??ي سعودي عرب جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي عرب، فر??نس، قازقستان ۽ عالمي بئنڪ جي حصيداري سان منعقد سم?? جو مقصد عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ اعليٰ سطحي سياسي واعدن جي ذريعي پاڻي وسيلن جي انتظام جي لاءِ ٺوس عالمي موقف کي فروغ ڏيڻ آهي. بيان موجب وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب ڪندو جنهن ۾ تازي پاڻي جي وسيلن ۽ آبي زمينن جي ڏس ۾ بحالي، تحفظ ۽ موافقت تي ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پاران پاڻي جي تحفظ کي فروغ ڏيڻ، آبهوا ۾ تبديلي جي اثرن کي برداشت ڪرڻ، پاڻي جي معيار کي بهتر بڻائن، رو??گا?? جا ذريعا وڌائڻ ۽ حياتياتي جيوت جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ ر??شن?? وجهندو. وزيراعظم موسمياتي تبديلين سبب ٻوڏن، غيرمعمولي ۽ انتهائي موسمي حالتن ۽ پاڻي وسيلن ۽ ماحولياتي نظام تي گرمي جي دٻاءُ جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون جي اهميت سان گڏوگڏ پاڻي وسيلن جي پائيدار انتظام جي لاءِ بامعنيٰ عالمي تعاون تي پڻ زور ڏيندو. سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جون ٻطرفيون ملاقاتون ۽ مصروفيتون متوقع آهن.