راولپنڊي-29 نومبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ڪالهه پاڪ بحريه جي آپريشنل بيس اورماڙه جو دؤرو ڪيو، جتي کيس دفاع ۽ موجوده خطرن جي حوالي سان جامع آپريشنل بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موج?? جنرل ساحر شمشاد مرزا پاڪ بحريه جي آپريشنل اثاثن خاص طور تي جهازن ۽ آبدوزن جو معائنو ڪيو ۽ سمنڊ ۾ يو??ٽس جي آپريشنل تيارين ۽ جنگي صلاحيتن جو جائزو ورتو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سامونڊي علائقن ۽ جهازن تي مقرر جوانن سان ملاقات دوران آ??ريشن تياريءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن جوانن جي همٿ افزائي جي تعريف ڪئي ۽ فيلڊ يو??ٽس کي هدايت ڪئي ته جديد هٿيارن ۽ اوزارن جي بهترين استعمال کي يقيني بنائيندي جذبي ۽ لڳن سان مادرِ وطن جي دفاع کي يقيني بڻايو وڃي.