اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان اسلامڪ رليف جي وفد پارليامينٽ هائوس ۾ م??اقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب وفد جي قيادت برطانيه جي ڪونسلر شاهين اشرف ڪئي. وقتي چيئرمين اسلامڪ رليف جي وفد ک?? چيمبر ۾ ڀليڪار ڪيو. وقتي چيئرمين چيو ته اسلامڪ رليف قدرتي آفتن دوران انسانيت جي خدمت ڪئي، جنهن سندن شڪرگذار آهيون. پاڪستان ۾ زلزلن، ٻوڏن ۽ سوڪهڙي سبب پيدا ٿيل صورتحال ۾ اسلامڪ رليف جا رضاڪار سڀ کان اڳيان رهيا. سيدال خان ملاقات دوران چيو ت?? بلوچستان صوبي ۾ اسلامڪ رليف ڏورانهن علائقن ۾ وڃي رليف جو ڪم ڪيو. اڄ به اسلامڪ رليف جي مختلف منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مختلف علائقن ۾ رليف سينٽر جو قيام تعريف جوڳو آهي، مشڪلن گهڙين ۾ رليف فراهم ڪرڻ انسانيت جي تمام وڏي خدمت آهي. وفد وقتي چيئرمين جو ٿورو مڃيو ۽ بلوچستان سميت ٻين پٺتي پيل علائقن ۾ نَون منصوبن جي شروعات لاءِ عز?? جو اظهار ڪيو.