اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪا??رواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي صوبي جو امن خراب ڪرڻ ۽ ترقي جو سفر متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آواران، ڊيره بگٽي ۽ ڪيچ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪا??رواين تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ مختلف ڪا??رواين ۾ 4 دهشتگردن کي بهادري سان جهنم ??اصل ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن کي بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ، ترقي جو سفر متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين ۽ ملڪ دشمن عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي جي خلاف فورسز جون ڪا??روايون ساراهه جوڳيون آهن. صدر دهشتگردي جي خلاف ڪا??روايون جاري رکڻ جي ق??مي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.