لاهور- 09 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته حڪومتي قدمن سان معيشت ۾ نمايان بهتري آئي، قطر ۽ آذربائيجان پا??ستان ۾ 5 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، علامه اقبال جا فڪر ئي اسان لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جو رستو آهن، نوجوانن کي بااختيار بڻائي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ باني پنهنجي آزادي لا??ِ پارٽي قيادت کي ڌرڻن ۽ ڏڦيڙ لاءِ ڀڙڪائيندو رهيو. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن مزار اقبال تي حاضري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ پوري مسلمان امت کي اقبال جي خودي جي پيغام تي پهرين کان وڌيڪ عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، علامه اقبال جي فلسفي ۽ شاعري کي وچ ايشيا ۾ تمام گهڻو پڙهايو ويندو آهي، اسان اقبال جي ويزن موجب نوجوانن کي بااختيار بڻائي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو واضح ويزن آهي ته اسان کي قرض ناهي وٺڻو ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻي آهي، جلد ملڪ ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آهي، حڪومتي ڪوششن سان معيشت ۾ نمايان بهتري آئي آهي، جنهن سان مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، آٽو، پيٽرول سستو ۽ روپيو مستحڪم ٿي رهيو آهي، پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي ۾ واڌ ٿي آهي، هاڻي پا??ستان کي ترقي ڪرڻي آهي، عوام جي ڀلائي ۽ بهتري جا قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته اسان دوست ملڪن سان قرض ۽ امداد نه پر سيڙپاڪري جي ڳالهه ڪر?? رهيا آهيون. سعودي عرب سان سيڙپڪاري جا معاهدا 6 ارب ڊالرن کان وڌي چڪا آهن، قطر پا??ستان ۾ 3 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي، آذربائيجان پا??ستان ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪر?? رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش رهي آهي ته بزنس ٽو بزنس معاهدا ٿين، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، ڪاروباري طبقي کي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، ڪيترائي ملڪ برڪس ۾ پا??ستان جي ميمبرشپ جا حامي آهن، سي پيڪ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، پا??ستان جا چين سان لاڳاپا مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن، مشهور سعودي سب وي پا??ستان ۾ پنهنجون برانچون کولي سيڙپڪاري ڪر?? رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رياست کان رياست جا معاملا پرڏيهي پاليسي جو حصو هوندا آهن، پا??ستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ بهتري آئي آهي، پا??ستان جي پرڏيهي پاليسي سبب سڄي دنيا سان لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڪو به سياسي اڳواڻ يا سياسي پارٽي ملڪ کان وڌيڪ ناهي، معاشري ۾ ويڇا ۽ نفرتون پکيڙڻ اصل ۾ غيرن جو منصوبو هو، پي ٽي آءِ باني پنهنجي آزادي لا??ِ پارٽي قيادت کي ڌرڻن ۽ ڏڦيڙ لاءِ ڀڙڪائيندو رهيو، 9 مئي جا ڏڦيڙي پا??ستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازشن ۾ مصروف آهن. عطا الله تارڙ چيو ته ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين کي سياست کان مٿانهون هجڻ، فلسطين بابت زيڪ گولڊ سمٿ جي بيان جي اڄ تائين مذمت ناهي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جي فنڊنگ ڪندڙ پهرين ئي اسرائيل لاءِ ڪم ڪر?? رهيا آهن، اسرائيل لاءِ فنڊز جمع ڪر?? هٿين خالي فلسطينين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته خيبرپختونخواه ۾ ڪو ڪم نه ٿي رهيو آهي، خيبرپختونخوا ۾ مهانگائي ۾ نه گهٽتائي آئي نه ئي گاڏين جا ڀاڙا گهٽيا آهن، هن چيو ته عثمان بزدار کي پنجاب جو حڪمران بڻائي ڦرلٽ جي بازار گرم ڪئي وئي، پي ٽي آءِ ايس سي او کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، 12 ملڪن جا وزيراعظم پا??ستان اچي رهيا هئا ۽ پي ٽي آءِ وارا احتجاج ڪر?? رهيا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 26 هين آئيني ??رميم جي ڪنهن کلي مخالفت نه ڪئي، وڪيلن 26 هين آئيني ??رميم جي حمايت ڪئي آهي، آئيني ??رميم وڪيلن جو پراڻو مطالبو هو ۽ ان معاملي تي اهي متحد ۽ متفق آهن. 26 هين آئيني ??رميم جي مسودي تي پي ٽي آءِ باني موجوده قيادت کي ڇنڊ پٽي، وفاقي وزير چيو ته ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪر??ون ٿا، ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هر قدم کڻنداسين. چئن سالن ۾ محمد نواز شريف ملڪ ۾ امن قائم ڪر?? ڏيکاريو، پي ٽي آءِ حڪومت دهشتگردن کي واپس آڻي پا??ستان ۾ آباد ڪيو، خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻو پوندو، ڪرڪيٽ ڊپلوميسي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرڪيٽ کي سياست کان پا?? هجڻ گهرجي، چيمپئنز ٽرافي پا??ستان جو حق آهي ۽ اها پا??ستان ۾ ئي ٿيندي.