اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت قومي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي سال 26-2025 لاءِ ڪڻڪ جو پيداواري هدف 10.368 ملين هيڪٽر ايراضي مان 33.58 ملين ٽن هاصل ڪرڻ جو رکيو آهي. نيشنل فوڊ سڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت مطابق صوبن پيداوار لاءِ گهٽ هدف پيش ڪيو. صوبائي حڪومتن جي تجويز مطابق ڪڻڪ جو هدف 9.263 ملين هيڪٽرز جي ايراضي مان 27.92 ملين ٽن هو. ايف سي اي صوبائي حڪومتن تي ??ور ڀريو ته هو ايندڙ سال ڪڻڪ جي کپت جي ضرورتن کي پورو ڪ??ڻ لاءِ وفاقي حڪومت طرفان تجويز ڪيل پوکي ۽ پيداواري هدفن کي حاصل ڪ??ڻ لاءِ گهربل قدم کڻن. ??ن ٻڌايو ته ٻين فصلن ۾ چڻا، پٽاٽا، بصر، ٽماٽا ۽ مرچ جو پيداواري هدف ترتيبوار 4.4419، 4.6829، 8.2554، 7.658 ۽ 8.56 هز??ر ٽ?? هدف آهن.