اسلام آ??اد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آه?? ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ٿڌ رهڻ جو امڪان آه??، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات، بلند ۽ مٿانهين وارن جبلن تي هلڪي برفباري جو امڪان آه??. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته سنڌ ۾ گرم رهي جڏهن ته اسلام آ??اد، پوٺوهار خطي، گلگت بلتستان، اپر خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي، ٽنڊو ڄام ۾ 40، مٺي، حيدرآباد، لسٻيلو، تربت ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.