رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ع??ب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو. رياض جي نائب گورنر شهزاده عبدالرحمان بن عبدالعزيز رياض پهچڻ تي وزيراعظم جو شاند??ر استقبال ڪيو. سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير احمد فاروق ۽ پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جا اعليٰ سفارتي آفيسر ۽ اهلڪار پڻ رياض هوائي اڏي تي موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم رياض ۾ 19 کان 31 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي ولي ??هد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات پڻ متوقع آهي. دفاع وارو و??اقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو و??اقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو و??اقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو و??اقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو و??اقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو و??اقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ دوري تي وزيراعظم سان گڏ آهن.