اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي ??رد??ري 10 ۽ 11 آڪٽوبر تي ترڪمانستان ??و دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري ب??ان موجب صدر اشڪ آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ”وقت ۽ تهذيب جا گڏيل لاڳاپا – امن ۽ ترقي جو بنياد“ جي موضوع تي عالمي فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان ??و دورو ڪندو، عالمي فورم جو انعقاد ترڪمانستان ??ي عظيم مفڪر، شاعر ۽ فلسفي مگتيمگلي فراگي جي 300هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪيو پيو وڃي. ب??ان موجب فورم ۾ صدر آصف علي ??رد??ري خطي جي لاءِ امن، اتحاد ۽ ترقي جي قدرن جي اهميت کي اجاگر ڪندو. اميد آهي ته هو فورم جي موقعي تي ترڪمان قيادت سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.