نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عالمي بئنڪ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن موجب پاڪستان جي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي ??زير سينيٽر محمد اورنگزيب پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات دوران وزيراعظم عالمي بئنڪ پاران پاڪستان حڪومت سان اقتصادي س??ار??، غربت ۾ گهٽتائي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي سميت پاڪستان جي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم عالمي بئنڪ جي صدر کي حڪومت جي پاليسي، انتظامي ۽ تنظيمي س??ار?? جي حوالي سان کنيل قدمن بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته حڪومت توانائي، ماليات ۽ اوڳاڙين جي شعبن ۾ سڌارا آندا آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت معاشي س??ار?? جي تڪميل جي لاءِ عالمي بئنڪ پاران تعاون جي آجيان ڪندو. هن پاڻي نظام، توانائي ۽ انساني ترقي سميت پاڪستان جي ترقياتي منصوبن جي لاءِ جديد مالياتي حل ڳولڻ تي زور ??نو. وزيراعظم ۽ عالمي بئنڪ جي صدر ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن موجب پاڪستان جي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.