اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين 12 ربيع الاول جي مبارڪ ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ مسلم اُمت کي مبارڪبون پيش ڪندي چيو آهي ته اسلام جي حقيقي تصور کان روشناس ٿيڻ لاءِ اسان کي سيرت طيبه صلي الله عليه وآ??ه وسلم کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. مسلم اُمت کي درپيش مسئلن، ڏڦيڙ، نفرتن ۽ ناانصافين جو واحد حل سيرت طيبه صلي الله عليه وآ??ه وسلم ۾ موجود آهي. حضور صلي الله عليه وآ??ه وسلم سان محبت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي، انسانيت جي هر ڏُک جو علاج ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليه وآ??ه وسلم جي ڪامل تابعداري ۾ لِڪل آهي. 12 ربيع الاول جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآ??ه وسلم جي ولادت جو ڏهاڙو آهي. اڄ جو ڏينهن سمورن مسلمانن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشين ۽ برڪتن وارو ڏينهن آهي، الله تعاليٰ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآ??ه وسلم کي ٻنهي جهانن لاءِ رحمة للعالمين بڻائي موڪليو. الله تعاليٰ اسان کي حضرت خاتم النبيين صلي الله عليه وآ??ه وسلم جو اُمتي هئڻ جو شرف بخشيو، حضور اڪرم صلي الله عليه وآ??ه وسلم سان محبت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي. وفاقي وزير چيو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآ??ه وسلم رنگ، نسل، خاندان، زبان ۽ وطن کان م??اهون ٿي هڪ اُمت ۽ ملت جو قيام عمل ۾ آندو. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآ??ه وسلم اهڙي فلاحي رياست قائم ڪئي جنهن ۾ امير ۽ غريب جا حق برابر آهن. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآ??ه وسلم ڪيترن ئي سالن کان جنگ ڪندڙ قبيلن کي رياستِ مدينه جي فلاحي نظم جو حصو بڻايو جنهن سان هڪ عالمگير مساوات، ڀائيچاري ۽ عدل ۽ انصاف تي ٻَڌل معاشرو جڙيو. نبي اڪرم صلي الله عليه وآ??ه وسلم جي تعليمات ئي اڄ جي ڏينهن سڀ کان وڏو فلسفو آهي، اسان کي پنهنجي آقا حضرت محمد صلي الله عليه وآ??ه وسلم جي تعظيم سان سندن تعليمات کي حقيقي طور تي اختيار ڪرڻو پوندو. اڄ اسان ان ڳالهه جو عهد ڪريون ته جيڪو رستو پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآ??ه وسلم اسان کي ڏيکاريو ان رستي تي هلنداسين ته جيئن اسان معاشري ۾ هڪ فلاحي رياست بڻائي سگهون جنهن سان دنيا ۽ آخرت ۾ فلاح ماڻي سگهون.