اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خان يونس ۾ مخصوص محفوظ زون المواسي تي اسرائيلي قابض فوج جي فضائي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 40 شهري شهيد ٿي ويا آهن، اسرائيلي قابض فوج پاران بي گهر ماڻهن جي لاءِ پاڻ ان جڳهه کي ??حفوظ زون قرار ڏئي ان تي حملو ڪرڻ عالمي ان??ان?? قانون جي واضح خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته خان يونس ۾ قتل عام ان??ان?? زندگي جي بي توقيري ۽ فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي ارادن کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته هڪ مخصوص محفوظ زون ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهن کي ??شانو بڻائڻ عالمي ان??ان?? قانون جي سنگين خلاف ورزي کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته شهري آبادين ۽ ان??ان?? همدرديءَ جي علائقن جي تحفظ جي ضرورت آهي. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيلي قابض فوج کي ??لسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ جي مهم ج??ري رکڻ کان روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ ان??ان??ت جي خلاف ڏوهن تي جوابده بڻائي.