اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاق?? و??ير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته شهيدن جي قربانين جي ڪري ئي پاڪستان جو وجود آهي. اهڙن جو اظهار هن دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي راولپنڊي ۾ شهيد حوالدار محمد منير عباسي ۽ سپاهي ه??رو?? وليم جي گهر سندن خاندانن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي ڪيو. ان موقعي ت?? و??پار واري وفاق?? و??ير چيو ته شهيدن پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪري ملڪ جو دفاع ڪيو. هن چيو ته قوم حوالدار محمد منير عباسي ۽ ٻين شهيدن جي جرئت کي سلام پيش ڪري ٿي جن پنهنجي قيمتن جانين جو نذرانو پيش ڪيو. ڄام ڪمال خان شهيد حوالدار محمد منير عباسي جي ٻارن کي سندن تعليم موجب سرڪاري نوڪري ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته حوالدار محمد منير عباسي شهيد جي ٻارن کي حڪومت گهر الاٽ ڪيو آهي ۽ جنهن سرڪاري ڪوارٽر ۾ هي پهرين رهندا هئا ان ۾ ئي کين رهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ته جيئن هو پنهنجي ڪوارٽر ويجهو آرمي پبلڪ اسڪول ۾ تعليم جاري رکي سگهن. حوالدار منير عباسي 6 آگسٽ 2015ع تي درياب?? و??ري هنڌ تي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيو، سندس هڪ پُٽ ۽ 3 نياڻيون آهن جيڪي پنهنجي پڦين سان هڪ سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهن ٿيون.جڏهن ته سپاهي ه??رو?? وليم جي رهائشگاهه تي شهيد کي خراجِ تحسين پيش ڪندي وفاق?? و??ير چيو ته اسان جيڪي پارليامينٽ ۾ وڏن وڏن عهدن تي ويٺل آهيون اسان جي ذميداري آهي ته اسان پنهنجي شهيدن جي قربانين جو احساس ڪريون ۽ سندن پونئيرن جي زندگين ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. سپاهي ه??رو?? وليم ويجهڙ ۾ ئي 21 جون ت?? ميران شاهه ۾ شهيد ٿي ويو جنهن جي هاڻ شادي ٿي هئي ۽ سندس عمر 29 سال هئي. وفاق?? و??ير شهيد جي ڪٽنب سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ شهيد ج?? و??رثن کي هر قسم جي حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرائي. ڄام ڪمال خان سپاهي ه??رو?? وليم ج?? و??لد ۽ ڀاءُ سان به ملاقات ڪئي.